سنڌ جو درويش عالم

سنڌ جو درويش عالم (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامياري عالم، فاضل ديوبند شيخ الحديث، مولانا عبدالحئي گهوٽو الحُسينيءَ جي سوانح حيات ۽ ديني خدمتن جي احوال تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ مولانا صاحب جو فرزند خالد گهوٽو الحسيني آهي. جنهن ۾ هن بزرگ جي زندگيءَ تي مختلف رخن کان تحقيق ڪري سندس سوانح عمري بهتر طريقي سان رقم ڪئي آهي. 352 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب 2012ع ۾ الحسيني اڪيڊمي، گهوٽڪيءَ پاران شايع ٿيو. جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو